”اوهان مون تي ڌيان ڏيو“ عروا حسين مڙس کي خبردار ڪري ڇڏيو

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا عروا حشين پنهنجي مڙس فرحان سعيد جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي انٽرنيٽ واهپيدارن جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪرائي ورتو.
اداڪار ۽ فنڪار فرحان سعيد پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن فارمل ڊريسنگ ڪئي هئي.
فوٽُو جي ڪيپشن ۾ فرحان پنهنجي پرستارن کي پڇيو ته ڇا اوهان سوچيندا آهيو ته هن سال مونکي ڇا تي ڌيان ڏيڻ کپي؟ ان سوال جو جواب ڏيندي اداڪارا عروه حسين لکيو ته اوهان مون تي ڌيان ڏيو.
اداڪارا جي مڙس جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڏسي ٻنهي ستارن جا پرستار خوش نظر آيا.
ياد رهي ته ٻنهي کي هلندڙ سال ڌيءَ جي پيدائش به ٿي آهي، پر ان کان پهريان ٻنهي وچ ۾ عليحدگي جو خبرون گردش ڪري رهيون هيون پر اڃا تائين تصديق نه ٿي سگهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.