سلوواڪيا جو وزيراعظم رابرٽ فيڪو قاتلاڻي حملي ۾ زخمي

براٽيسوالا (ويب ڊيسڪ) سلوواڪيا جو وزيراعظم رابرٽ فيڪو تي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سلوواڪيا جي وزيراعظم رابرٽ فيڪو تي تخت گاهه براٽيسلاوا جي اتر اوڀر علائقي هينڊلووا ۾ حملو ڪيو ويو.
پوليس موجب رابرٽ فيڪو کي گولي هڻي سخت زخمي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته رابرٽ فيڪو تي ان وقت فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن هو پنهنجي حامين سان ملاقات ڪري رهيو هو، مٿس 4 گوليون هلايون ويون، هڪ گولي وزيراعظم جي پيٽ ۾ لڳي.
پوليس فائرنگ جي شڪ ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
هوڏانهن حڪومتي ترجمان جو چوڻ آهي ته رابرٽ فيڪو جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.