مٽياري: مبينا بدفعلي جو شڪار نينگر جو پيءُ سان گڏ احتجاج

مٽياري (ويب ڊيسڪ) مٽياري لڳ ڳوٺ دريا خان ٽالپر جي پنجين ڪلاس جي شاگرد رضوان علي خاصخيلي پنهنجي پيءُ سان گڏ احتجاج ڪيو.

هن دانهيندي چيو ته ٻه هفتا اڳ مونسان چئن اوباش نوجوانن سهيل، فيروز، علي ۽ افروز زبردستي بدفعلي ڪئي جن مان ٽي ڄڻا هن وقت سينٽرل جيل ۾ آھن.

ھن چيو ته مخالف مونکي ۽ منهنجي مائٽن کي ڌمڪيون ڏئي، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن.

نينگر الزام هنيو ته سهيل ۽ افروز جو پيءُ اسڪول ۾ هيڊ ماستر آھي جنهن مونکي اسڪول مان به ڪڍي ڇڏيو آھي جنهن ڪري منهنجي تعليم به متاثر ٿئي پئي.

هن چيو ته جوابدران خلاف انساني حقن جون تنظيمون ۽ عدالتون نوٽيس وٺن.

مٿين ماڻھن خلاف سيشن جج مٽياري ايس ايس پي مٽياري ۽ انساني حقن جون تنظيمون نوٽس وٺن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.