سنڌ ۾ سفارشي ۽ پنهنجا نوازي ڪنهن کان لڪيل ناهي، هتي هر شئي ۾ سفارش يا نوٽن جون ويڙهيون ڏيکاريو ته پوءِ اوهان ڀلي اڻ پڙهيا هجو، اعليٰ عهدا اوهان کي ملي ويندا.
جيڪڏهن اوهان کي يقين نٿو اچي يا ائين لڳي رهيو آهي ته اهو غلط آهي ته پوءِ سنڌ جو سرڪاري کاتو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڏسي وٺو. هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو قانون آهي.
هن کاتي جو ڊائريڪٽر پنهنجي ئي پٽ کي شهر جو سڀ کان قابل شخص سمجهي عهدن مٿان عهدا ڏئي رهيو آهي.