رات دير تائين موبائل فون جي استعمال سان ڪهڙو نقصان ٿيندو آهي؟ ماهرن جي راءِ ڄاڻيو

 

موبائل فون اسان جي زندگي جو اهم حصو بڻجي چڪي آهي ۽ انٽرنيٽ جي 24 ڪلاڪ موجودگي سبب نوجوان نسل رات ڏينهن موبائل فون هلائڻ ۾ مصروف آهي.

اسان جي معاشري ۾ موبائل فون کي رات دير تائين استعمال ڪرڻ هڪ فيشن ۽ ٽرينڊ به بڻجي چڪو آهي پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته موبائل فون رات دير تائين استعمال ڪرڻ سان ذهني صحت تي ڪهڙا اثر پوندا آهن؟

ان سلسلي ۾ انسٽاگرام تي اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ ماهر نيورو بائيولاجي اينڊريو ڊي هيوبرمين جي هڪ وڊيو آهي، جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو آهي ته رات دير تائين موبائل فون استعمال ڪرڻ سان ڊپريشن پيدا ٿيندو آهي.

پروفيسر اينڊريو ڊي هيوبرمين موجب توهان کي سٺو لڳي يا برو، اهو جرنل سيل ۾ ڇپيو هو ته رات 11 وڳي تائين صبح 4 وڳي تائين اسڪرين ٽائل لائٽ (موبائل يا ليپ ٽاپ جي استعمال) دماغ جي حصي هيبين نُولا ۾ هڪ اهڙو سرڪٽ پيدا ٿيندو آهي، جيڪو ڊوپامين (دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ اهڙو ڪيميڪل آهي، جنهن سبب اسانر احت يا خوشي محسوس ڪندا آهيون) کي گهٽ ڪندو آهي ۽ مايوسي کي وڌائيندو آهي، تنهن ڪري ائين ڪرڻ سان ڊپريشن وڌندو آهي.

ان سلسلي ۾ 2018 ۾ برطانوي اخبار دي انڊپينڊنٽ به هڪ تحقيق شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو هو ته رات جو دير تائين موبائل استعمال ڪرڻ سان ذهني مسئلا پيدا ٿيندا آهن.

دي انڊپينڊنٽ موجب 91 هزار ماڻهن تي ڪيل ان تحقيق موجب اها ڳالهه سامهون آئي ته رات کان وٺي صبح تائين پنهنجي بستري تي ليٽي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ سان ڊپريشن، باءِ پولر ڊس آرڊر ۽ نيوروٽيسز جهڙيون ذهني بيماريون پيدا ٿينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.