چپس نه آڻڻ تي زال مڙس کان طلاق گهري ورتي!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) چپس کائڻ جي شوقين زال چپس نه آڻڻ تي مڙس کان طلاق جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي شهر آگرا ۾ مڙس پنهنجي زال جو پسنديده چپس جو پيڪيٽ آڻڻ وساري ويٺو، عورت چپس کائڻ جي شوقين هئي ۽ روز مڙس کي 5 رپين جو چپس وارو پيڪيٽ آڻڻ جو چوندي هئي، جنهن معاملي تي ٻنهي ۾ جهيڙو به ٿيندو هو.
اها ويڙهه ان وقت شدت اختيار ڪري وئي، جڏهن مڙس چپس نه آندي، جنهن تي زال ڪاوڙجي پيڪين هلي وئي ۽ پوءِ پوليس اسٽيشن وڃي طلاق جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب مڙس موقف اختيار ڪيو ته هو پنهنجي زال جي ان عادت مان ڏاڍو پريشان آهي، جڏهن ته گهرواري الزام هنيو ته مڙس مارڪٽ ڪندو آهي، جنهن سبب گهر ڇڏي آئي آهيان.
پوليس عورت جي الزامن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.