ڪنهن به جاءِ تي مذهبي ماڳن جي پنهنجي تاريخي اهميت ۽ حيثيت هوندي آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان هڪ مسلمان ملڪ آهي پر تنهن هوندي هتي ڪيترائي اقيلتي برادري جا مندر آهن جيڪي مذهبي ڀائيچاري جي علامت بڻيل آهن.
پاڪستان جي چئني صوبن ۾ هندو مندر سوين سالن کان موجود آهن جيڪي ثقافتي پس منظر کي ظاهر ڪن ٿا ۽ انهن مندرن ۾ اڄ به عبادت ڪئي وڃي ٿي.
هونئن ته ملڪ ۾ ڪيترائي مندر آهن پر ڪجهه مندر اهميت جوڳا آهن.