ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ ٿي وئي.
اڄ ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 278 رپين 26 پئسن جو آهي، انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر جو قدر 8 پئسا وڌيو آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 5 پئسا گهٽجي 279 رپيا 45 پئسا رهيو.