ڇوڪرن کي ڇوڪرو رهڻ ڏيو ڪارٽون نه بڻايو:اداڪارا مشي خان

اداڪارا مشي خان ايوارڊ شو ۾ چوڪرن جي ڊيزائن ڪيل ڪپڙن تي ڪاوڙجي پئي.
تازو ئي پاڪستان جي مشهور ايوارڊز شو جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ شوبز انڊسٽري جي ستارن ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي ڌيان ڏياريو.
ايوارڊ شو ۾ ڊيزائنر احمد منان جي ڊيزائن ڪيل ٽن ڪپڙن جي نمائش ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ ڊريس ڇوڪري جو به هو، ۽ انهن ٽنهي ڊريسز جي تقريب ۾ بيسٽ ڊريس جو ايوارڊ به ڏنو ويو، پر اهو عوام سان گڏوگڏ اهو اداڪارا مشي خان کي به نه وڻيو.
پنهنجي سوشل اڪائونٽ تي مشي خان ڊيزائنر تي تنقيد ڪندي چيو ته ڇوڪرن جي ڪپڙن کي ڏسي حيران ۽ پريشان آهيان، اهو مختصر لباس آهي، جنهن تي ننڍي جيڪٽ ۽ هڪ وڏي خيمي جهڙو پاجامو پهريل آهي ۽ لپ اسٽڪ لڳل آهي.
اداڪارا ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇوڪرن کي ڇوڪرو رهڻ ڏيو، جيڪو ڪجهه اهي آهن پر اوهان انهن کي ڊيزائننگ جي نالي تي عجيب ڪارٽون ٺاهي سامهون بيهاري ڇڏيندا آهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.