بجلي اگهن ۾ واڌ جي خبرن تي پاور ڊويزن جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاور ڊويزن بجلي اگهن ۾ واڌ جي خبرن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اهڙين خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي.
پاور ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ بجلي جا اگهه وڌائڻ بابت ڪا ڳالهه ناهي ٿي.
ان کان اڳ آءِ ايم ايف کي جولاءِ کان بجلي ۽ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي خاطري جا اطلاع سامهون آيا هئا.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاور سڪيٽر جي گردشي قرض ۾ وڌيڪ 150 ارب رپيا واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، پاڪستان هلندڙ مالي سال جي آخر تائين قرض ٻه هزار 300 ارب رپين تائين محدود رکڻ جو واعدو ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کي ايس آءِ ايف سي جي آپريشنز ۾ شفافيت جي خاطري ڪرائي آهي، آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني وئي آهي ته ايس آءِ ايف سي ذريعي سيڙپڪاري جا اڻ برابر موقعا پيدا نه ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.