اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئون رڪارڊ، 100 انڊيڪس بلند ترين سطح تي ڇُهي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ ٺهڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ 100 انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ڪاروبار جي شروعات سان ئي زبردست تيزي ڏٺي وئي، جتي 100 انڊيڪس پنهنجي بلند ترين سطح 75 هزار 115 تي پهتو.
پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ 132 پوائنٽن جي واڌ سان 74 هزار 663 تي بند ٿيو.
شيئرز بازار ۾ اڄ 57 ڪروڙ 24 لک شيئرز جا سودا ٿيا، ڪيپٽلائيزيشن 33 ارب رپيا وڌي 10 هزار 70 ارب رپيا آهي.ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.