آءِ ايم ايف سان ڳالهيون، حڪومت عوام تي مهانگائي بم ڪيرائڻ لاءِ تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ ايم ايف کي جولاءِ ۾ گئس ۽ بجلي جا اگهه وڌيڪ وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
ذريعن موجب پاور سيڪٽر جي گردشي قرض ۾ 150 ارب رپين جي واڌ ٿي وئي آهي، پاڪستان هلندڙ سال جي آخر تائين گردشي قرض 2300 ارب رپين تائين محدود رکڻ جو واعدو ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني ناڻي واري وزارت جي اختيارين وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، جن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ پرائمري خساري ۾ گهٽتائي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ايندڙ سال جي بجيٽ هدفن تي آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني وئي، رياستي ملڪيتي ادارن جي ڪارڪردگي جاچڻ لاءِ سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ جي ڪارڪردگي تي ڳالهه ٻولهه به ٿي.
توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان طرفان جولاءِ ۾ گئس ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف گردشي قرض ۾ واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، پاور سيڪٽر جي گردشي قرض ۾ 150 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي.
پاڪستان هلندڙ سال جي آخر تائين گردشي قرض 2300 ارب رپين تائين محدود رکڻ جو واعدو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.