کٽو هڪ اهڙي شئي آهي جيڪي ديسي آهي ۽ ٻهراڙين ۾ شوق سان کاڌي وڃي ٿي، مربي جو ذائقو الڳ هوندو آهي پر کٽو کاڌي جي ذائقي کي وڌائڻ سان گڏوگڏ ٿوري ڀاڄي ۾ پيٽ ڀري کائڻ جهڙي شئي آهي.
هي نه رڳو شوقينن جي پسند شئي آهي پر ننڍي کنڊ ۾ قديم روايت به آهي، ڳوٺن ۾ اڄ به بصرن ۽ انبڙن جا کٽا ٺاهي کاڌا ويندا آهن.