بئنڪ مان 50 هزار کان وڌيڪ رقم ڪڍرائڻ تي ڪيترو ٽيڪس لڳندو؟ وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ درآمدي گاڏين ۽ لگزري آئٽمز تي ٽيڪس وڌڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ واپار دوست ايپ ۾ شامل نه ٿيندڙن خلاف ڪارروائي جي تجويز آهي، جڏهن ته ايپ ۾ رجسٽر نه ٿيندڙ واپارين کي نوٽيس موڪليا ويندا، واپار دوست ايپ سان رجسٽر نه ٿيڻ تي 10 هزار رپين تائين ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويندو ۽ غير رجسٽرڊ ڪاروبار خلاف انڪم ٽيڪس آرڊيننس سيڪشن 182 تحت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ 1300 سي سي کان وڌيڪ جي درآمدي گاڏين تي ٽيڪس وڌائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 850 سي سي کان وڌيڪ جي سڀني نين گاڏين تي ود هولڊنگ ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي.
ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ نان فائلرز جي بئنڪن مان ڪيش ڪڍرائڻ تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز آهي، نان فائلرز جي بئنڪن مان 50 هزار کان وڌيڪ رقم ڪڍڻ تي ايڊوانس ٽيڪس 0.6 مان وڌائي 0.9 سيڪڙو ڪرڻ جي به تجويز آهي، نان فائلرز جي ڪيش ڪڍڻ تي ايڊوانس ٽيڪس ۾ واڌ سان 15 ارب رپين کان وڌيڪ جمع ڪرڻ جو ڪاٿو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ غير ضروري ۽ لگزري شين جي امپورٽ تي ٽيڪس وڌائڻ جي به تجويز آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ ڇهين شيڊيول ۾ موجود ٽيڪس رعايتون ختم ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.