آئرلينڊ خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ قومي رانديگرن نوان رڪارڊ ٺاهي ورتا

لاهور (ويب ڊيسڪ) آئريلينڊ خلاف ٽئين ٽوئنٽي مئچ ۾ پاڪستاني رانديگرن نوان رڪارڊ ٺاهي ورتا آهن.
گذريل ڏينهن کيڏي ويندڙ مئچ ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي پارٽنرشپ نوان رڪارڊ قائم ڪيا، جڏهن ته بابر اعظم سڀ کان وڌيڪ ففٽي پلس اسڪورز ۾ ويرات ڪوهلي کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.
بابر اعظم بين وائٽ کي چار اوور ۾ چار ڇڪا هڻي 25 رنس ٺاهيا، اهو پهريون موقعو هو جڏهن ڪنهن پاڪستاني بيٽر ٽي 20 انٽرنيشنل جي هڪ اوور ۾ 25 رنسون ٺاهيون.
ڊبلن ۾ کيڏي ويندڙ ٽين ٽوئنٽي مئچ ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان ٻئين وڪيٽ لاءِ 139 رنسن جي پارٽنرشپ ڪئي، جنهن سان هو انٽرنيشنل ٽي 20 ۾ 10 سينچريون پارٽنرشپ ڪندڙ پهريان رانديگر بڻجي ويا آهن.
بابر اعظم ۽ رضوان گڏوگڏ پارٽنر شپ ۾ 3 هزار رنسون ٺاهڻ واري پهرين جوڙي به بڻجي ويا آهن، انکان پهريان آئرلينڊ جي پاول اسٽارلنگ ۽ بيل بائرن پارٽنر شپ ۾ 2043 رنسون ٺاهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.