وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ ملڪي صورتحال ۽ وفاق تي ليڪچر

ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ پاڪستان جي مطالعي بابت شعبي، عبدالحق ڪيمپس جي اهتمام هيٺ ”ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ وفاق جو ڪردار“ جي عنوان سان هڪ ڏينهن جو ليڪچر ٿيو.
خاص مهمان سماجي اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر سيد جعفر احمد، انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ سوشل ريسرچ (IHSR) جي ڊائريڪٽر ۽ سهيل يونيورسٽي ڪراچي جي ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز خطاب ڪيو، ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
تقريب جي نظامت جا فرض محمد عديل انجام ڏنا، جڏهن ته پاڪستان جي مطالعي بابت شعبي جي انچارج ڊاڪٽر ڪهڪشان ناز معزز مهمانن جي آجيان سان گڏ گلدستو پيش ڪيو.
ڊاڪٽر سيد جعفر احمد خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي ڪُل آبادي جو 40 سيڪڙو وفاقي حڪومت سان جڙيل آهي، قائداعظم جي نظريي موجب پاڪستان ۾ به وفاقي طرز حڪومت آهي پر عوام جو اعتماد حاصل ناهي ٿي سگهيو، صوبائي خود مختيار پاڪستان جي باني جي سوچ هئي، خبر ناهي هڪ خاص طبقي کي صوبائي خود مختياري کان خوف آهي، ان ئي خوف سبب اوڀر پاڪستان ٽٽي بنگلاديش بڻجي ويو.
هن چيو ته 1973ع جو آئين پاڪستان جي سلامتي جو ضامن سمجهيو ويندو آهي پر مسلسل ان آئين ۾ به مختلف قسم جون ترميمون ڪيون ويون، هن وقت سڄي ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام آهي.
ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڊاڪٽر سيد جعفر احمد کان سوال به ڪيا. تقريب جي پڄاڻي تي زينب شري خاص مهمان ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا، ڊاڪٽر ڪهڪشان ناز خاص مهمان جي خدمت ۾ اعزازي شيلڊ پيش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.