اپوزيشن اسٽيبلشمينٽ جا پير پڪڙي زبردستي مداخلت ڪرائي رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي اپوزيشن ڄاڻي ٿي ته ڪنهن جا پير پڪڙڻا آهن، تنهن ڪري سياستدانن سان نٿي ڳالهائي.
قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن 9 مئي جي معافي گهرڻ لاءِ تيار ناهي ته انهن جو پٽڪو جاري رهندو، 9 مئي تي احتجاج نه هو، اها فوجي قيادت خلاف بغاوت هئي، جيڪا ناڪام ٿي، اپوزيشن 9 مئي جي مذمت لاءِ تيار ناهي ته مطلب اها ذميوار آهي.
هن چيو ته اهي ڳالهه آئين جي بالادستي جي ڪن ٿا پر انهن کي ڳالهه اسٽيبلشمينٽ سان ڪرڻي آهي، اپوزيشن ڄاڻي ٿي ته ڪنهن جا پير پڪڙڻا آهن، تنهن ڪري سياستدانن سان نٿي ڳالهائي، اپوزيشن اسٽيبلشمينٽ جا پير پڪڙي زبردستي مداخلت ڪرائي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته انهن جو ليڊر هڪ رات جيل ۾ گذاري ايترو گهٻرائجي ويو جو فوجي ملڪيتن تي حملو ڪرائي ڇڏيو، هاڻ روئي ٿو ته مون کي ٻاهر ڪڍو، پي ٽي آءِ اڳ ۾ پنجاب کي بوزدار جو تحفو ڏنو، هاڻ خيبر پختونخواهه کي اهڙي قسم جو وڏو وزير ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.