اسلام آباد (م ڊ) نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ مسلم ليگ (ن) جي گذريل دور حڪومت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي اسڪينڊل بابت جاري جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.نيب ترميمي قانون موجب جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته نيب ان معاملي جي جاچ اينٽي ڪرپشن پنجاب کي منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.نيب خوراڪ کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي جاچ ۾ مصروف آهي ۽ ڪڻڪ جي هزارين بوري چوري جو ڪيس به جاچ هيٺ آهي. رمضان پيڪيج ۾ خوراڪ کاتي جي آفيسرن کانسواءِ ڪيترن ئي سياستدانن جا نالا به سامهون آيا.اسڪينڊل ۾ سيڪريٽري خوراڪ ۽ ٻين آفيسرن تي به سنگين الزام آهن.