ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير ڪاشف سعيد شيخ 12مئي2007ع کي ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ڏينهن تي اڳوڻي چيف جسٽس جي ڪراچي اچڻ تي سڄي شهر جا رستا بند ڪري بي گناهه سياسي ڪارڪنن جو پکين وانگر شڪار ڪيو ويو اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمنٽ، متحده ۽ پيپلزپارٽي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ۾ هڪ پيج تي آهن، 12مئي جي قاتلن جو سڀ کان وڏو سهولتڪار جنرل پرويز مشرف دنيا ۾ ئي عبرت جو نشان بڻجي چڪو آهي ھن هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته 12مئي تي بي گناه سياسي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ، بلديه ٽائون فيڪٽري ۾ 360 مزدورن کي جيئرو ساڙڻ ۽ وڪيلن کي طاهرپلازه ۾ ساڙيندڙ ٽولو پنهنجي قائد کي پاسيرو ڪري سڀني ڏوهن کان آجو نٿو ٿي سگهي، هر حڪومت کي ڪيرائڻ ۽ ٺاهڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ جي اشارن تي حرڪت ڪندڙ متحده جي قاتل ٽولي جي سهولتڪاري اڄ به جاري آهي،