ڪراچي: فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي ملٽري اعزازن سان نوازيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ فوجي آفيسرن ۽ شهيد جوانن کي ستارا امتياز ملٽري، تمغه امتياز ۽ تمغه بسالت ملٽري سان نوازيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ڪراچي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ فوجي آفيسرن کي اعزازن سان نوازڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي .
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار خاص مهمان طور تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي ستارا امتياز ملٽري، تمغه امتياز ۽ تمغه بسالت جي اعزازن سان نوازيو ويو
آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ ايوارڊز حاصل ڪندڙن جي گهرڀاتين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ شهيد آفيسرن جي گهرڀاتين کي به اعزاز ڏنا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.