9 مئي احتجاج ريلي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻين جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت، تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر، عمر ايوب ۽ عامر مغل جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.
تحريڪ انصاف جي مقامي قيادت تي 9مئي تي احتجاجي ريلي ڪڍڻ خلاف داخل ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت وارِي درخواست تي جوڊيشل مئجسٽريٽ ارشد محمود جـَسرا ڪئي.
بئريسٽر گوهر، شعيب شاهين ۽ عامر مغل وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا.
بعد ۾ عدالت، پنج- پنج هزار روپين جي مچلڪن عيوض پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
ساڳي ئي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪندي دليل طلب ڪري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.