نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومتي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ، نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومتي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ 14 مئي تي ٻڌڻي ڪندي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، اطهر من الله ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي بينچ ۾ شامل آهن.
ان کانسواءِ سرڪاري يونيورسٽيز ۾ وائيس چانسلرز جي مقرري تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس به سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو.
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ 15 مئي تي ٻڌڻي ڪندي.
سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان وائيس چانسلرز جي مقرري تي رپورٽ طلب ڪئي هئي، وي سيز جي مقرري جو معاملو مالاڪنڊ يونيورسٽي اسٽاف جي سروس اسٽرڪچر بابت ڪيس ۾ سامهون آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.