وزيراعظم سيڙپڪاري بورڊ کي سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ سولايون پيدا ڪرڻ جو هدف ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪاروبار ۾ سولائي ۽ سهولت تي ٻڌل واپاري پاليسي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي .
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ واپار جي شعبي بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ واپار جي شعبي جي حوالي سان اهم معاملن تي غور ڪيو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسانکي ڪاروبار ۾ سولائي ۽ سهولت تي ٻڌل واپاري پاليسي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪي برآمدت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ حوالي سان تڪڙا قدم کنيا وڃن.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته غير روايتي شين جي برآمدات جي حوالي سان قدم کنيا وڃن، واپاري ۽ ڪاروباري پاليسيون ٺاهي نجي شعبي سان مشاورت کي يقيني بڻايو وڃي.
هن چيو ته ملڪي ترقي ۾ نجي شعبي ۽ صنعت جو ڪردار انتهائي اهم آهي، برآمد ڪندڙن جي تصديق ڪيل ڊيوٽي ڊرا بيڪس بنا دير ادا ڪيا وڃن، ملڪي آٽو سيڪٽر جي ترقي لاءِ ڊيليشن پاليسي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي.
وزيراعظم اجلاس دوران ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرن جي ڪارڪردگي جاچڻ لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ جي به تاڪيد ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽريڊ آفيسرن جي حوصلا افزائي ٿيندي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن کي ڇنڊ پٽي ويندي ۽ عهدن تان هٽايو ويندو، برآمدي شعبي جو هر مهيني ۾ 2 ڀيرا مان پاڻ جائزو وٺندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.