ايٽمي طاقت رکندڙ پاڪستان چوڙيون ناهن پاتيون: فاروق عبدالله

سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل ڪانفرنس جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير فاروق عبدالله ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي تڪراري بيان جي جواب ۾ چيو آهي ته پاڪستان چوڙيون ناهن پاتيون.
راج ناٿ سنگهه پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ڀارت جي ترقي کي ڏسندي آزاد ڪشمير وارا پاڻ ئي پاڪستان بدران ڀارت سان شامل ٿيڻ جو مطالبو ڪندا، اسان انهن کي ڀارت ۾ ضم ڪنداسين.
ان تي فاروق عبدالله چيو آهي ته آزاد ڪشمير کي پاڻ سان ضم ڪرائڻ جي ڳالهه ڪندڙ ڀارتي وزير جيڪڏهن همت رکي ٿو ته اڳتي وڌي ۽ پنهنجي دعويٰ مڪمل ڪري ڏيکاري.
هن چيو ائين ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته پاڪستان به چوڙيون ناهن پاتيون، ان وٽ ايٽم بم آهن ۽ هو انهن کي استعمال به ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.