سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪندڙ جوڙي جا سوشل ميڊيا تي چرچا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان سي ايس ايس 2023 جي امتحانن ۾ نتيجن جو اعلان ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي هڪ جوڙو وائرل ٿي ويو.
سي ايس ايس ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙن ۾ مرد 126 ۽ 84 عورتون شامل آهن.
ڪامياب اميدوارن ۾ ٻه اهڙا خوشنصيب زال مڙس اميدوار آهن جن به گڏجي سي ايس ايس جا امتحان پاس ڪري ورتا.
حذيفا نالي هڪ نوجوان جي ڪجهه ڏينهن پهريان سوشل ميڊيا تي پوسٽ وائرل نظر آئي.
پوسٽ ۾ هن لکيو ته الحمد الله اسان گڏجي خواب ڏٺو هو ۽ گڏجي ڪامياب ٿياسين.
نوجوان پنهنجي پوسٽ ۾لکيو ته منهنجي پوسٽنگ پوليس سروس آف پاڪستان ۾ ٿي آهي جڏهن ته منهنجي گهرواريءَ کي روينيو کاتو مليو آهي.
ٻي پاسي سندس زال حاجرا نيازي به ايڪس تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جڏهن مان ايم بي بي ايس ٻئين سال ۾ هيس ته حذيفا منهنجي گهر رشتو موڪليو، ان وقت حذيفا کي مون چيو ته منهنجي لاءِ شادي کان وڌيڪ ڪيرئر اهم آهي، ان تي هن چيو ته گڏجي ڪري وٺنداسين.
شادي کانپوءِ پرائم منسٽر ايوارڊ، ڪي پي ڪي انوويشن ايوارڊ،19 مضمون ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري اڄ گڏجي سي ايس ايس ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.