ڪچي ۾ رتوڇاڻ: ڪلپر بگٽي سردار جو موقف اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بگٽي قبيلي جي هڪ شاخ ڪلپر جي سردار، چيف آف ڪلپر جلال خان ڪچي ۾ آپريشن ۽ پلاند وٺڻ وارين خبرن تي رد عمل ڏنو آهي.

خابرو ذريعن موجب جلال خان جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي اطلاع غلط آهن، هو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪچي جي علائقي ۾ پنهنجي پٽ جي قتل جو پلاند وٺڻ ناهن ويا.

هن ٻڌايو ته پنجاب پوليس جي معمول جي هڪ آپريشن ۾ ڪجهه بگٽي نوجوانن رضاڪاراڻي طور تي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ حصو ورتو.

پٽ جي قاتلن جي گرفتاري بابت هن چيو ته جيتوڻيڪ سنڌ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته هنن هڪ ڌاڙيل کي ماريو آهي پر اسان مطمئن نه آهيون، اسان کي سنڌ پوليس کان شڪايت آهي، هو اسان سان سهڪار نه پيا ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.