بگٽين هٿان ڪچي جا 9 ڌاڙيل موت جو کاڄ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪچي جي ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ بگٽي قبيلي جي ماڻهن سندرا ٻڌي ورتا آهن، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته دهشت جي علامت بڻيل 9 ڌاڙيلن کي بگٽي قبيلي جي ماڻهن موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.

ٻه ڏينهن اڳ بگٽي قبيلا جا ماڻهو ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ ڪچي پهتا هئا، ٻنهي ڌرين ۾ دوبدو مقابلو 36 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهيو. بگٽي قبيلي جي ماڻهن ڪچي ۾ داخل ٿي جديد هٿيارن سان ڌاڙيلن جو مقابلو ڪيو ته ڌاڙيل پنهنجا مورچا ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ڌاڙيلن پوليس اختيارين سان رابطو ڪري کين بچڻ لاءِ رستو ڏيڻ جي گهر ڪئي ۽ چيو ته ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا. بگٽي قبيلي جا ماڻهو واپس ٿيا آهن، واپس ويندي هو مختلف هنڌن تي ڪاميابي جو جشن ملهائيندا رهيا ۽ فائرنگ ڪندا رهيا.

مختلف ذريعن موجب ڪلپر بگٽين جو ڪچي جي ڌاڙيلن سان وڙهڻ جو اصل سبب اهو آهي ته ڪجهه وقت اڳ ڪچي جي ڌاڙيلن بگٽي قبيلي جي سردار چيف آف ڪلپر وڏيري جلال خان ڪلپر جي پٽ عبدالرحمان کي پنجاب مان ايندي رستي ۾ قتل ڪيو هو. ڪلپر قبيلي جي ماڻهن ڪچي جي ڌاڙيلن کان پلاند وٺڻ جو ارادو ڪيو هو.

ذريعن موجب بگٽي قبيلي جي هٿياربندن کي پوليس رضاڪاراڻي طور ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.