دانيا شاهه جي وڪيل جو نئون انڪشاف، ماڻهو تپي باهه ٿي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عامر لياقت جي ٽئين گهرواري بڻجڻ کانپوءِ طلاق ۽ پوءِ وراثت ۾ حصو وٺڻ لاءِ وڪيل جون خدمتون وٺندڙ دانيا شاهه بابت سندس ئي وڪيل نئون انڪشاف ڪيو آهي جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سخت عمل اچي رهيو آهي.

عامر لياقت جي لاڏاڻي کانپوءِ دانيه شاهه سندس ملڪيت ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿي ۽ ان لاءِ هن هڪ ڀيرو ٻيهر قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ دانيه شاهه کي سندس وڪيل سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو.

وڪيل پنهنجي وڊيو بيان ۾ انڪشاف ڪيو ته دانيه کيس ملڪيت جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ٻه ڪروڙ رپيا ڏنا آهن.

وڊيو ۾ وڪيل جو چوڻ هو ته هر ڪو مون کان روزي بابت پڇندو آهي، تنهن ڪري اڄ مان کين چوان ٿو ته الله جي بندن جي مدد ڪريان ٿو، جنهن جي بدلي ۾ الله منهنجي مدد ڪندو آهي.

دانيه شاهه طرفان وڪيل کي 2 ڪروڙ رپيا فيس ڏيڻ جي خبر ٻڌي سوشل ميڊيا واهپيدارن جي بيچيني وڌي وئي.

ڪن دانيه شاهه جي وڪيل کي موسمي وڪيل چيو.

هڪ واهپيدار لکيو ته هي اهڙو وڪيل آهي جيڪو بيواهه کي به طلاق ڏياري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.