”ڪراچي ۾ دهشتگردي جا واقعا گهٽجي ويا آهن، اسٽريٽ ڪرائم تي به ضابطو آڻينداسين“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي جون حالتون هاڻ بهتر آهن، ڪو وقت هو جو ٽارگيٽ ڪلنگ ٿيندي هئي، هاڻ شهر ۾ دهشتگردي جا واقعا گهٽجي ويا آهن.
پ پ اڳواڻ جاويد ناگوري جي ڀاءُ اڪبر ناگوري جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پوليس ۽ رينجرز ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو، ڪو دور هو جو روز ڌماڪن جون خبرون اينديون هيون، شهر ۾ هاڻ حالتون بهتر آهن، اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن تي ضابطو آڻينداسين.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي، اسان بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ صوبي ۽ ملڪ ۾ امن قائم ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.