صدر پاران ٽيڪس قانون ترميمي بل جي منظوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ٽيڪس قانون ۾ ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي.

صدر مملکت آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ٽيڪس لاز ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏني. ان ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسز ۽ ڊيوٽي بابت قانونن ۾ ترميم ڪرڻ آهي.

ترميمي بل ذريعي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990 جي سيڪشن 30 ڊي ڊي ڊي، 43، 45 بي، 46 ۽ 47 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.

ترميمي بل ۾ فيڊرل ايڪسائيز ايڪٽ 2005 جي سيڪشن 29، 33، 34 ۽ 38 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.

انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي سيڪشن 122.A، 124، 126A، 130، 131، 132، 133 ۽ 134.A ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.

29 اپريل 2024ع تي قومي اسيمبليءَ ٽيڪس قانونن ۾ ترميمي بل 2024ع پاس ڪيو هو ۽ صدر وزيراعظم شهباز شريف جي مشوري تي ترميمي بل جي منظوري ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.