اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي تباهه ڪندي 6 شدت پسندن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب 3 ۽ 4 مئي جي وچين رات سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
بيان ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا به تباهه ڪيا ويا.
مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪارروائين ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.