ڪڻڪ اسڪينڊل، جاچ ڪميٽي جي انوار الحق ڪاڪڙ ۽ محسن نقوي کي طلب ڪرڻ جي ترديد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪڻڪ درآمد اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ۽ محسن نقوي کي طلب ڪرڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا سيڪريٽري ڪامران علي افضل ڪڻڪ جي انڪوائري جي حوالي سان گمراهه ڪندڙ خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته نه اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ۽ نه اڳوڻي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي طلب ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ٻنهي جي طلبي جي خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪري رهيو آهيان، منهنجي انڪوائري بابت غلط خبرون هلايون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.