سپريم ڪورٽ جو فوجي عدالتن جي 20 ڄڻن جي ڪيسن جا فيصلا جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي فوجي عدالتن جي 20 ڄڻن جي ڪيسن جا فيصلا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪيس جي 24 اپريل جي ٻڌڻي جو لکت حڪم نامو جاري ڪيو ويو.
عدالتي حڪم نامي ۾ ٻڌايو ويو ته اٽارني جنرل آزاد ٿيندڙ 20 ڄڻن جي فهرست سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آهي.
حڪم نامي موجب وڪيلن عدالت کان اٽارني جنرل کي 20 ڄڻن جا فيصلا طلب ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي، عدالت عظميٰ اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته اهي فيصلا جمع ڪرايو.
رخواستگذار وڪيل بئنچ تي اعتراض اٿاريندي گذريل ٻڌڻي جي حڪم نامي جو حوالو ڏنو.
حڪم نامي ۾ چيو ويو ته سلمان اڪرم راجا ۽ اعتزاز احسن به لارجر بئنچ جوڙڻ تي دليل ڏنا، ان تي عدالت معزز وڪيلن کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اهي لارجر بئنچ جوڙڻ تي فيصلو چاهين ٿا؟
لکت حڪم نامي موجب وڪيلن ان تي درخواستون ڪميٽي سامهون رکڻ جو موقف اختيار ڪيو، وڪيلن جي اپيل کي مناسب سمجهندي معاملو ڪميٽي سامهون رکڻ مناسب سمجهون ٿا.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته لارجر بئنچ جي معاملي تي وڪيلن جي درخواستن جو ڪميٽي فيصلو ڪندي.
لکت حڪم نامي ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي معاملو شهرين جي آزادي جو قرار ڏنو ۽ جلد ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي آبزرويشن ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.