هونڊا سي ڊي 70 ۽ سي جي 125 جا تازا اگهه

اٽلس هونڊا جي موٽر سائيڪلن کي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي، جيڪي ورهين کان پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ٽو وهيلرز آهن، ان جو سبب بهترين پيٽرول ايوريج، مينٽيننس جو گهٽ خرچ ۽ بهترين ري سيل آهي.
پر وقت سان گڏ انهن جي اگهن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي، تازي عرصي ۾ ٻين موٽر سائيڪلن جي ڀيٽ ۾ هونڊا جي موٽر سائيڪلن جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن.
پاڪ آبزرور موجب هن وقت هونڊا سي ڊي 70 جي قيمت هڪ لک 57 هزار 900 رپيا، هونڊا سي جي 125 جي قيمت ٻه لک 34 هزار 900 رپيا، هونڊا سي جي 125 سيلف جي قيمت ٻه لک 82 هزار 500 رپيا، هونڊا سي ڊي 70 ڊريم جي قيمت هڪ لک 68 هزار 900 رپيا، هونڊا پرائيڊر جي قيمت ٻه لک 8 هزار 900 رپيا ۽ هونڊا سي بي 150 ايف جي قيمت 4 لک 93 هزار 900 رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.