پيپلزپارٽي جو وفاق ۾ 8 وزارتون وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي گورنر شپ کانپوءِ وفاقي حڪومت جو حصو بڻجڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي 8 وزارتون وٺي رهي آهي ۽ بي آءِ ايس پي جي سربراهي به وٺڻ جو امڪان آهي.

پيپلزپارٽي پاران 2 وزارتون سنڌ جي اڳواڻن کي ڏنيون وينديون، 2 بلوچستان جي اڳواڻن کي ۽ 4 پنجاب جي اڳواڻن کي ڏنيون وينديون.

هن ڀيري بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ربينا خالد کي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.