راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز طرفان ٽانڪ ضلعي ۾ دهشتگردن خلاف گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
مارجي ويل دهشتگردن ۾ عظمت عرف عظمتي، ڪرامت عرف حنظله ۽ ريحان شامل آهن.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، اهي ڏکڻ وزيرستان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي تازي اغوا ۾ به ملوث رهيا.
You might also like