پاڪستاني اداڪارا ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي سهڪار سان پرڏيهين جي خير سگالي واري سفير ماهرا خان جي خوبصورتي جا چرچا ڪيا پيا وڃن.
دي ليجنڊ آد مولا جٽ، سپر اسٽار، بن روئي ۽ بول جهڙين فلمن ۾ بي مثال اداڪاري سان گڏوگڏ ڀارت ۾ ڪنگ خان جي مدمدقابل فلم رئيس ۾ جلوا ڏيکارڻ واري اداڪارا ماهرا خان ڪنهن تعريف جي محتاج ناهي.
اداڪاري کان وٺي فيشن جي دنيا تائين هر هنڌ ۽ هر زبان تي ماهرا خان جا چرچا رهندا آهن، نه صرف پاڪستاني ماهرا خان جا ديوانا آهن پر ڀارت ۾ به ماهرا جي حسن تي چرچا ڪيا ويندا.
جنهن جي هڪ مثال سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ هالي ووڊ اداڪارا رنبير ڪپورکي به ماهرا خان جي تعريف ۾ ڳالهائيندي ٻڌو وڃي ٿو.
انسٽاگرام تي وائرل پراڻي وڊيو ۾ فلم ”اينمل“ جي هيرو رنبير ڪپور اداڪارا ڪيف سان گڏ موجود آهي، ان دوران رنبير کي پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان کي خوبصورت قرار ڏيندي ٻڌو پيو وڃي.
انٽرويو ۾ ميزبان بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور کان ڪجهه خوبصورت اداڪارائن جا نالا پڇندو آهي، جنهن تي اداڪار سڀ کان پهريان شرڌا ڪپور جو نالو وٺندو آهي.
رنبير ڪپور پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چوندو آهي ته پاڪستان ۾ ماهرا خان وڌيڪ خوبصورت آهي، انکانسواءِ بالي ووڊ ۾ عاليا ڀٽ ۽ ڊيشا پٽاني به خوبصورت آهي.
واضح رهي ته 2017 ۾ رنبير ڪپور جي ماهرا خان سان ڪجهه تڪراري تصويرون به منطر عام تي آيون هيون.
You might also like