اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پوليس آفيسرن شادي شده جوڙي کان نڪاح نامو طلب ڪيو.
عورت سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ٻڌايو ته سندس مڙس ۽ هو دوا وٺڻ وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪي نڪاح نامو طلب ڪيو. نڪاح نامو نه هجڻ تي پوليس ٻن ڪلاڪن تائين ٿاڻي ۾ ويهاريو ۽ بدتميزي ڪئي.
ڊي آءِ جي آپريشنز واقعي جو نوٽيس وٺندي ٻن پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.