وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ اجلاس، پي ايڇ ڊي، ايم فل ۽ ايم ايس جون ڊگريون ڏنيون ويون

ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي انتظام هيٺ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق (جي آر ايم سي) جو 57هون اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري ڪئي.

اجلاس ۾ سيڪريٽري طور قائم مقام رجسٽرار محمد صديق ميمڻ، جڏهن ته ميمبرن ۾ ڊين ڪاليج آف سائنس پروفيسر ڊاڪٽر محمد زاهد، ڊين ڪاليج آف مئنيجمينٽ، بزنس، ڪامرس اينڊ اڪنامڪس پروفيسر ڊاڪٽر مسعود مشڪور، انچارج ڪاليج آف آرٽس ڊاڪٽر شاهد اقبال، انچارج ميٿميٽڪس ڊاڪٽر مريم سلطانه، ڪاليج آف اسلامڪ اسٽڊيز جي انچارج ڊاڪٽر حافظ محمد ثاني، ڪاليج فارميسي جي انچارج ڊاڪٽر عارفه اڪرام، سمورن اڪيڊميز جي انچارج ڊاڪٽر ڪمال حيدر ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي ڊاڪٽر راحت الله آن لائين ميمبرن طور شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪراچي ڪيمپس مان ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ جي سعيد اظفر، فارماسيوٽڪس ڊپارٽمينٽ جي محمد عدنان فيصل، اسلامڪ اسٽڊي ڊپارٽمينٽ جي عبدالباري، انٽرنيشنل رليشنز ڊپارٽمينٽ جي معصومه زهرا، سنڌي ڊپارٽمينٽ جي اعجاز حسين، اسلام آباد ڪيمپس جي اقتصاديات شعبي جي محمود خان کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وئي.

ڪراچي ڪيمپس جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي عروج اسلم کي ايم ايس ۽ ايم فل جي ڊگري حاصل آهي، ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي محمد شعيب، فزڪس ڊپارٽمينٽ جي سڪينه اشرف، طبعيات جي سدرا خان،زولوجي ڊپارٽمينٽ جي فاطمه، انٽرنيشنل رليشن ڊپارٽمينٽ جي محمد عمار ۽ محمد صديق اسپيشل ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي گل زهرا زيدي ڊگري ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.