ڪراچي: دڪان ۾ سئلينڊڙ ڦاٽڻ سان ڌماڪو، ٻه ڄڻا فوت، 8 زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي نيو چالي ۾ جنريٽر مارڪيٽ جي دڪان ۾ سئلينڊر ڦاٽڻ سان ڌماڪو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا.
ايس ايس پي سٽي موجب جنريٽر مارڪيٽ جي دڪان ۾ سئلينڊر ڦاٽڻ سان ٿيندڙ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه دڪان متاثر ٿيا، جڏهن ته هڪ دڪان جي ڇِت ڪري پئي.
اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته ڌماڪي سان ٻن دڪانن ۾ باهه لڳي وئي ۽ هر پاسي دونهون ٿي ويو، باهه تي ضابطي لاءِ فائر برگيڊ جو هڪ اسنارڪل حادثي واري هنڌ پهتو، ڌماڪي جي شدت سان دڪانن جو ملبو روڊ جي ڀرپاسي پکڙجي ويو.
اسپتال اختيارين موجب حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 زخمي ٿيا، جن کي سول اسپتال جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي.
اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.