چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون پاڪستان جي ڪهڙن شهرن ۾ ٿينديون؟ تفصيل سامهون اچي ويا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي شروعاتي ڊرافٽ شيڊيول ۾ ٽن شهرن جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.
ڪرڪيٽ جي ويب سائيٽ ايِ ايس پِي اين ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، پي سي بي طرفان ايندڙ سال فيبروري ۾ شيڊيول ميگا ايونٽ جي ميچن لاءِ ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي جي چونڊ ڪئي آهي.
اٺن ٽيمن تي ٻڌل ٽورنامينٽ ٻن هفتن تائين جاري رهندي، جڏهن ته اڃا تائين حتمي تاريخن جو اعلان ناهي ڪيو ويو.
ٻئي پاسي ڀارتي ٽيم بابت افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافيءَ لاءِ پاڪستان نه ايندو، ان حوالي سان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت ايندڙ سال ميگا ايونٽ دوران پنهنجون ميچون پاڪستان ۾ کيڏندو.
عام طور تي ٿيندو ائين آهي ته ميزبان ملڪ آءِ سي سي کي ايونٽ جي ڊرافٽ جو شيڊيول پيش ڪندو آهي جنهن جو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ٽيم جائزو وٺندي آهي، شيڊيول کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ جائزو وٺڻ لاءِ ڊرافٽ براڊ ڪاسٽرز ۽ ٻين بورڊز سان شيئر ڪيو ويندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.