سڪس جي سان بي مثال امڪان پيدا ٿيندا، دبئي جو اهم اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دبئي جي ٽي ڊي آر اي 2030 تائين سڪس جي جي ترقي لاءِ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو آهي.

خليفا يونيورسٽي جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪاميٽي جاچ ۽ معيارن تي ڪم ڪري رهي آهي.

عالمي پليٽ فارمز ۽ شعبن سان گڏجي آءِ سي ٽي ريگيوليٽري سينڊ باڪس ذريعي سڪس جي تي تجربا ڪيا پيا وڃن.

هن ٽيڪنالاجي ۾ معيار ۽ محفوظ ڪنيڪٽيويٽي تي ڌيان ڏنو ويو آهي.

سڪس جي تيار ڪرڻ ۾ هٿرادو ذهانت، روبوٽڪس ۽ صحت ۾ اڳڀرايون شامل آهن جيڪي مختلف شعبن ۾ انقلاب آڻينديون.

هي منصوبو ٽيلي ڪميونيڪيشن شعبي ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿو ۽ بي مثال امڪان پيدا ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.