سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ اپاءَ تيز ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ اپاءَ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
14 گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي جسٽس ارشد حسين جي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ ٻڌڻي ڪئي.
عدالت جي آءِ ٽي جو اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ اپاءَ تيز ڪيا وڃن.
عدالت ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪئي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.