نيب ايل اين جي ريفرنس واپس وٺي ڇڏيو، شاهد خاقان سميت سمورا جوابدار بري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ اسلام آباد جي احتساب عدالت شاهد خاقان عباسي سميت ٻين جوابدارن کي ايل اين جي ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو.
نيب شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ريفرنس واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي اڳوڻي وزيراعظم سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته ايل اين جي ريفرنس ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ سندس پٽ عبدالله خاقان عباسي کي نامزد ڪيو ويو هو.
نيب پراسيڪيوٽر اپران ريفرنس واپس وٺڻ جي بيان جي روشني ۾ عدالت کين بري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.