نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ تجربا ڪيا، غلطين مان سکي وٺنداسين: بابر اعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ تجربا ڪيا، ورلڊ ڪپ تائين غلطين کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
پنجين ٽي ٽوئنٽي مئچ جي آخر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ هو ته پچز جي ڪنڊيشن ڏسي بالرن کي استعمال ڪيو ۽ ڪاميابي ملي.
هن ٻڌايو ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ پنهنجي پلان تي عمل ڪرڻ سان بالنگ ۽ بيٽنگ ٻنهي شعبن ۾ بهتر نتيجا مليا، سيريز ۾ مختلف ڪمبينيشن سان کيڏياسي، رانديگر انجرڊ به ٿيا، ڏسنداسين بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ ڪاٿي غلطيون ٿيون انهن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
هڪ سوال جي جواب ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته شاهين آفريدي بهترين بالر آهي، اسان کي مڊل آرڊر ۾ ڳڻتي آهي، محمد عثمان پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي، ڊيبيو سيريز ۾ پريشر هوندو آهي، هن کي اڃا محنت ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.