ادارا پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ تيار ناهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ادارن سان ڳالهين لاءِ نه پر ڊيل لاءِ درخواستون ڏئي رهي آهي پر ادارا انهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن.
سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ وارا هڪ پاسي ادارن جي خلاف مهم هلائي رهيا آهن ته ٻي پاسي وري منٿون پيا ڪن، پي ٽي آءِ جو علي امين گنڊاپور دهشتگردن وانگي اسلام آباد تي چڙهائي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ پهريان ادارن خلاف مهم هلائي ۽ هاڻي ادارن کي سياست ۾ آڻي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي، شهريار آفريدي جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ڪيئن عوام کي بي وقوف بڻائي ادارن خلاف نفرتون پکيڙندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.