ڪراچي ۾ غيرقانوني چيڪنگ تي ٽريفڪ پوليس جا 17 اهلڪار معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ غيرقانوني چيڪنگ تي ٽريفڪ پوليس جا 17آفيسر ۽ اهلڪار معطل ٿي ويا.
ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب ڊپٽي انسپڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) اهلڪارن جي غيرقانوني چيڪنگ تي ايڪشن ورتو.
ترجمان ٻڌايو ته ايس او محمود آباد سميت 17 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪري پوليس لائن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته معطل ٿيل اهلڪار محمود آباد جي ايڪسپريس وي ۽ ڪازوي تي چيڪنگ ڪندا هئا ، انهن کي وارننگ به ڏني وئي هئي.
ان حوالي سان ڊي آءِ جي ٽريفڪ چيو ته چالان آفيسر بغير باڊي ڪيمرا جي چالان نه ڪندا، ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪار شهرين کي هروبرو تنگ نه ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.