شهريار آفريدي جي فوج سان ڳالهين واري بيان تي علي امين گنڊاپور جو ردعمل اچي ويو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريدي جي پاڪ فوج سان ڳالهين واري بيان تي ردعمل سامهون اچي ويو آهي.
وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جي فوج سان ڳالهين واري بيان جي سوال تي جواب ڏيندي چيو ته شهريار آفريدي جو ڪنهن سان رابطو هوندو، ان بابت اهو صحيح نموني سان جواب ڏئي سگهي ٿو.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته شريف فيملي ۽ زرداري فيملي کي سدائين پنهنجي ذاتي معيشت جي فڪر آهي، تازو ئي پي ڊي ايم ون جي صورت ۾ جيڪا تباهي ٿي اها سڀني جي سامهون آهي، هاڻي وري ملڪ مٿان پي ڊي ايم مسلط ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن نجي ٽي وي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي حڪومت بدران فوج سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.