اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون، پي ٽي آءِ وارا ٻيهر فوج کي سياست ۾ ڌڪي رهيا آهن: حڪومتي اتحاد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته تحريڪِ انصاف اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو مطلب ۽ خواهش پوري ڪري وٺي.
پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان پارٽي قيادت کي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين سان ڳالهين جي اجازت ڏيڻ تي حڪومت واضح موقف اختيار ڪيو آهي.
ليگي اڳواڻ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي اجازت کانپوءِ هاڻ ٻِلي نه پر ٻِلو ٿيهلي مان ٻاهر اچي ويو آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي اِها خواهش به شوق سان پوري ڪري وٺي.
هن چيو ته علي امين گنڊاپور هڪ پاسي اسلام آباد تي چڙهائي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي حڪومت ڪرڻ جي خواهش به رکي ٿو ائين نٿو ٿي سگهي.
سندس چوڻ هو ته وفاق ۾ اتحادي حڪومت آهي جيڪا اهڙي مسئلي کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي ۽ اِها ڪنهن به صوبي ۾ گورنر راڄ نه لڳائيندي.
خواجا سعد رفيق چيو ته جيڪڏهن اوهان چڙهائي جي خواهش رکندئو ۽ اهڙي ئي عزم تحت هلندئو ته پوءِ حالتون ئي خراب ٿي وينديون.
هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هنن چيو ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن، تحريڪ انصاف وارا مس ڪال جو اوسئيڙو ڪري رهيا آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته هنن چيو ته آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن، تحريڪ انصاف هاڻي سعودي عرب تي به تنقيد شروع ڪري ڇڏي آهي، ماضي ۾ پي ٽي آءِ چيني صدر جو دورو متاثر ڪيو هو.
فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته اسان سياستدان آهيون، ڳالهين تي يقين رکون ٿا، پي ٽي آءِ وارا ٻيهر فوج کي سياست ۾ ڌڪي رهيا آهن. پي ٽي آءِ کي سياسي ماڻهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن….

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.