جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران ڌاڙيل راڄ ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف 18 مئي تي بک هڙتال جو اعلان

سن/مانجهند(رپورٽ:ساگر سولنگي+بابو عمراڻي) جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 29 هين ورسي جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو مرڪزي قافلو ڪميٽي ڪنوينر جسم چيئرمين رياض چانڊيو ، جسقم آريسر چيئرمين اسلم خيرپوري ، جيئي سنڌ قومي پارٽي نواز خان زئور ، جيئي سنڌ تحريڪ چيئرمين سورهيه سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي مزار جي ايم سيد جي اڱڻ تي پهتو جنهن کانپوءِ مرڪزي اڳواڻ پيادل مزار جي سائين تائين نعرن جي گونج ۾ ريلي ڪڍي مزار جي ايم سيد تي پهتا جتي اڳواڻن مزار جي ايم سيد تي حاضري ڀري مرڪزي اڳواڻن جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو قومي رھبر سائين جي ايم سيد جنھن پنھجون سڀ صلاحيتون پنھجي علمي عقلي ۽ فڪري ڏاھپ ذريعي سنڌ کي آجپي جو دڳ ڏنو، اڄ سڄي سنڌ ۾ غلامي واري نظام تحت ڦرلٽ بک غربت بيماريون پيئڻ سميت زراعت جو پاڻي نه ھئڻ ۽ سيد جي تحريڪ خلاف اڄ به مارشلائي حالتون لاڳو ڪيل آھن هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ھن وقت جيڪا تباھي آھي ان جو ذميوار پنجاب آھي سنڌو درياھ تي پنجاب جو غير قانوني قبضو آھي پنجاب تيل گيس ۽ دنيا جي وڏن زخيرن مان ھڪ ڪوئلو کڻي ٿو وڃي ان مان عيش پيو ڪري ھنن اسان جو وڏو شھر ڪراچي ھڪ رٿا تحت غير ملڪين جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي جيڪي سمنڊ جي پيداوار صعنتن ملٽي نيشنل ادارن ۽ ڪارپوريشن توڙي ٽرانسپورٽ تي قابض آھن هنن چيو ته  ھائوسنگ اسڪيمون سڀ ڌارين جي حوالي آھن  ڪراچي ٺٽو ۽ ڄامشوري جي سڄي ڪوھستان ۽ ساحلي پٽي تائين والار ۾ تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي ترقي جي نالي ۾ ڪارونجھر ۽ ڪينجھر تي قبضو ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته حڪمران جعلي مينڊيٽ جي ذريعي اسان جي پارليامينٽ تي قبضو ڪري دنيا کي ڏيکارين پيا ته سنڌين پاڻ اسان کي بربادي جو لائسنس ڏنو آھي اڳواڻن اعلان ڪندي چيو ته معصوم پريا ڪماري کي آزاد نه ڪرڻ ، سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي ، شهيد هدايت لوهار جا قتل گرفتار نه ٿيڻ ، سنڌ مان ڌاڙيل راڄ ختم ڪرڻ توڙي سنڌ جي وسيلن تي ڌاريا قابض هجڻ خلاف سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ 18 مئي تي 24 ڪلاڪن جي لاءِ بک هڙتالون ڪيون وينديون، ورسي جي جلسي کي نواز شاھ ڀاڏائي ،تاج جويو ، سرمد ميراڻي ، غفار ميرجت ، محمد بخش خشڪ ، ڪمال مهر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.